صدر عارف علوي نواب شاهه پهتو، ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان

 

نواب شاھه (ويب ڊيسڪ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد بينظيرآباد پهچي سڪرنڊ ۾ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل خيما بستي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا.

بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن سال سڀ کان گهڻو نقصان ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، متاثرن جي واهر لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي وسيلن آهر ڪم ڪري رهيون آهن.

هن برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو ۽ ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرين لاءِ صحت، تعليم ۽ ٻين سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.