ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، امير ملڪ اسان جي مدد ڪن : وڏو وزير

بدين ( ويب ڊيسڪ )  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ جي نتيجي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي وارثن لاءِ ڏهه لک رُپين جي رقم جو اعلان ڪيو آهي.

بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي کي برسات لاءِ ڊيزائن نه ڪيو ويو هو.

هن چيوته پاڻي جي نيڪالي ۾ بهتري آڻڻ گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيا آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته گهارن جا امڪان گهٽائڻ لاءِ اسڪيم تيار ڪري چڪا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ اُسريل ملڪن کي اسان جي مدد ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.