تمام جلد ريلوي ٽريڪ بحال ڪئي ويندي : جاويد ناياب لغاري

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مددگار ۽ ضلع شھيد بينظيرآباد لاءِ مقرر ڪيل رين ايمرجنسي فوڪل پرسن جاويد ناياب لغاري اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاھه اقبال احمد تنيو، پ پ پ سٽي نواب شاھه جي صدر خان بهادر ڀٽي ۽ ضلع اطلاعات سيڪريٽري راشد چانڊيو سان گڏجي ريلوي ٽريڪ نواب شاھه جو معائنو ڪيو ۽ ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت پاران برساتي پاڻي جي نيڪال جي جاري ڪم جو جائزو ورتو ان موقع تي فوڪل پرسن جاويد ناياب لغاري لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ريلوي ٽريڪ مان تمام جلد برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين عوام کي سفري سهولتن ۾ آساني ٿي سگهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي هرگز برادشت نه ڪئي ويندي ان موقعي تي فوڪل پرسن رين ايمرجنسي جاويد ناياب لغاري چيو ته ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ ضلع انتظاميه پاران برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا ويا آهن اميد آهي ته ريلوي ٽريڪ مان تمام جلد پاڻي نيڪال ڪري ٽرين جي سفر شروع ٿي ويندو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد تنيو ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پاران فوڪل پرسن کي ريلوي ٽريڪ جي بحالي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال واري جاري ڪم بابت آگاهي ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.