ٿاڻي تي بم حملو، 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ٿاڻي تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪوهاٽ ۾ پوليس اسٽيشن تي دستي بم حملي ۾ 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب دستي بم جو حملو ٿاڻي بلي ٽنگ تي ڪيو ويو جنهن ۾ 4 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿيا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٿاڻي تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي ڳولاءِ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ضلعي خيبر جي علائقي گودر ۾ به ايف سي چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل ماڻهن پاران فائرنگ ڪئي وئي.

پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته ايف سي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جو واقعو رات جو پيش آيو، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.