پاڪستان ۾ 48 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن: يونيسيف

اسلام آباد(م ڊ) ايشيا پيسفڪ ريجن ملڪن جي نمائندن چيو آهي ته قدرتي آفت ڪٿي به اچي سگهي ٿي، جاگرافيائي سرحدن کان هٽي ڪري هڪ ٻئي جو سهارو بڻجڻ گهرجي، غذائي تحفظ ۽ غذائيت جي کوٽ  جهڙن مسئلن جي حل لاءِ قومي سطح تي ايمرجنسي لڳائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن ملڪن جي شرڪت ڪندڙن سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪندڙ مهناز اڪبر عزيز چيو ته ان مسئلي تي اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻو پوندو،وفاقي وزير شازيه مري چيو ته معاشي عدم استحڪام ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري ان انگ ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي ڪري انهن جي واڌويجهه متاثر ٿئي ٿي جنهن جي ڪري اسان جو مستقبل متاثر ٿيندو. سن پروگرام جي سربراهه سلويا ڪائو فام چيو ته غربت جي ڪري دنيا جي 30 سيڪڙو آبادي غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ٿائيلينڊ جي پارليامينٽ ميمبر ڪروسيڊ نان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت  ماڻهو بيروزگاري جي ڪري غربت جو شڪار آهن. يونيسيف جي ڊاڪٽر صبا چيو ته پاڪستان ۾ 48 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، ان ڏس ۾ اسان کي غذائي ايمرجنسي لڳائڻي پوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.