ٻنون ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم

ٻنون (ن ع آ) ٻنون ايڪشن ڪميٽي پاران ڊاڪٽر جئي ڪمار ۽ ڊاڪٽر تنوير قاضي جي تعاون سان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ ٻنون بچاءُ بند کان 15 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تائين رھندڙ مختلف ماڻھن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي سندن علاج ڪيو ويو جڏھن ته عبدالڪريم پليجو، غلام عباس پليجو، سرفراز سومرو، امتياز ميمڻ، نياز سومرو، حافظ اسلم سومرو، عبدالرزاق سومرو ۽ ٻين درياھي بند ۽ ان جي ٻنھي پاسن تي رھندڙ عورتن ٻارن پوڙھن ۽ جوانن کي پنھنجي گاڏين ۾ کڻي ميڊيڪل ڪئمپ تي پھچايو، جتي ڊاڪٽرن مريضن جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.