پٿورو لڳ بچاءُ بند جو ھاءِ اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏل

پٿورو (ن ع آ) پٿورو لڳ بچاءُ بند جو ھاءِ اسڪول ۽  پرائمري اسڪول ڪارو جي چاڙھي اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، هڪ مھيني کان اسڪول بند هئڻ ڪري سوين شاگرد رلي ويا. مسلسل برساتون پوڻ ڪري مختلف علائقن جي پاڻي اسڪولي عمارتن کي گھيري ۾آڻي ڇڏيو آھي،جنهن ڪري اسڪول جا لنگهه بند آهن.ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته تدريسي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ عارضي طور ڇاپرا اسڪول کولرائي ڏنا وڃن، جيئن علائقي جا سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري سگھن ۽ ان سان گڏ اسڪولن جي بچاءُ لاءِ حفاظتي بند ٻڌرائي رستو ٺھرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.