ڄامشوري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ڄامشورو( رپورٽ: صدر جوڻيجو ) ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي نا اهلي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان برسات جو  پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن خلاف مختلف هنڌن تي رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪري سپر هاءِ وي ۽ حيدرآباد_ ڄامشورو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻن دوران مظاهرين، مسافرن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون. سينڊوز روڊ، بلوچ ڪالوني، حسين آباد، سيوهاڻي محلو، بسم الله ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، چانڊيا پاڙي، نور شاهه ڪالوني، عبدالله چاوڙا ڳوٺ، مدينا نگر برساتي پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جنهنڪري اڌ ڊزن کان وڌيڪ خانگي ۽ سرڪاري اسڪول برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ٻئي طرف برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سينڊوز روڊ جي رهواسين ۽ روڊ تي قائم شاهه لطيف پبلڪ اسڪول جي شاگردن طرفان الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، ڄامشورو اتحاد جي ڪائونسلر جي اميدوار عبدالصمد پٺاڻ، ايس يو پي اڳواڻ اسماعيل چانڊيو، سينڊوز روڊ جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ علي داد شاهاڻي، غلام شبير چانڊيو، محمد اسحاق تنيو، محمد رمضان ناريجو، حاجي محمد سومر رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيل احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو ڄامشورو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر،  اي سي ڄامشورو، مختيار ڪار ڪوٽڙي، ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين ذميوارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ٻئي طرف ڳوٺ سائين ڏنو ملاح جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽڙي بئراج وٽ ڄامشورو_ حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، ٻئي پاسي خانپور موڙ لڳ سپر هاءِ وي تي ڳوٺ جان محمد شورو ۽ ڳوٺ احمد شورو جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف آصف شورو، شوڪت شورو ۽ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، سخت گرميءَ ۾ هزارين مسافر پريشان رهيا، ڌرڻن دوران مظاهرين جو چوڻ هو ته ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود اسان جي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري گهر ۾ رهي نٿا سگهون، عمارتون ڏري ويون آهن، مڇرن ۽ جيتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهنڪري مختلف بيمارين ڪر کنيو آهي. رستن تي پاڻي هجڻ ڪري اچ وڃ دوران سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته ڄامشورو ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا گم آهن، ڊي سي رٽائرڊ ڪيپٽن فريد الدين مصطفي’ ۽ ٽائون ڪميٽي جو ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، ٽائون ڪميٽي جو ملازم سرفراز لنڊ سندن آشيرواد سان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي آڙ ۾ ڪرپشن ۾ مصروف آهي، جيڪو کين حصو پتي ڏئي تيل جا ڪوڙا بل ٺهرائڻ ۾ مصروف آهي. مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پاڻي نيڪال نه ٿيو ته احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.