غلام الله واسي مهاڻو يرغمال، ڪراچي فشريز تي تشدد، ويڊيو وائرل

ٺٽو(ڊ ر) غلام الله واسي مڇي جو شڪار ڪندڙ ماهيگير کي ڪراچي فشريز تي نجي قيد خاني ۾ يرغمال بڻائي مٿس تشدد ڪري وڍيو وائرل  ڪرڻ جو انڪشاف، غلام اللّٰه واسي ٻين ماهيگيرن کي ڏنل ايڊوانس پئسا واپس ڪرائڻ لاءِ هڪ ماهيگير سومار ماڇي کي يرغمال بڻايو ويو، غير مقامي ماهيگير ٺيڪيدار حيدر پٺاڻ پاران کيس ٻَڌي تشدد ڪندي ڀريل وڍيو به وائرل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي نوجوان سومار ماڇي کي حيدر پٺاڻ يرغمال بڻائي تشدد ڪري رهيو آھي ۽ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي، سومار سان گڏ ويل ٻين ماهيگيرن تي رهيل ايڊوانس ڏنل پئسن جي سومار ماڇي کان گُھر ڪري رهيو آھي ۽ سومار ماڇي کي وڍيو ڪال ڪرائي مٿس تشدد ڪندي به ڏيکاريو ويو آھي. ناحق قيد بڻايل نوجوان سومار ماڇي جي وارثن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعليٰ سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان ماھيگير سومار ماڇي کي بازياب ڪرائي کيس ناحق باندي بنائيندڙ غير مقامي ٺيڪيدار حيدر پٺاڻ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.