موٽرسائيڪلن جو نئون اگهه متعارف، خريدارن لاءِ سٺي خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) وڌندڙ مهانگائي جي ڪري گاڏين کانپوءِ موٽرسائيڪلن جي اگهن ۾ به واڌ ٿي آهي.
هنڊا طرفان سي ڊي 70 جي نئين ماڊل کانپوءِ ايفل انڊسٽريز روڊ پرنس پاسيشن آر پي 70 سي سي 2023 متعارف ڪرائي آهي.
روڊ پرنس جي پاسيشن آر پي 70 سي سي ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي ڪئي پئي پر ڪمپني ٻين موٽرسائيڪلن جيان نوان اسٽيڪرز متعارف ڪرايا آهن
روڊ پرنس پاسيشن آر پي 70 سي سي جو پاڪستان ۾ اگهه هنڊا سي ڊي 70 کان گهٽ رکيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ هن نئين موٽرسائيڪل جو اگهه 81 هزار 500 رپيا آهي جيڪو پراڻي ماڊل جي برابر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.