نسيم شاهه هيرو، پاڪستاني گلوڪار کان ڀارتي اداڪارا جي ساراهه به برداشت نه ٿي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ناليواري گلوڪار ابرارالحق ڀارتي اداڪارا اروشي روتيلا کي پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن کان پري رهڻ جي تنبيهه ڪئي آهي.

ابرارالحق پنهنجي تازي انٽرويو دوران ڪپتان بابر اعظم بابت ڳالهائيندي چيو ته بابراعظم کان ايشيا ڪپ دوران گهڻيون اميدون هيون پر هو انهن تي پورو نه لٿو، رڳو هن ڀيري بابراعظم جي پرفارمنس صحيح نه رهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

هن وڌيڪ چيو ته محمد رضوان تمام بهترين کيڏيو، ابرار الحق بالر نسيم شاهه جي به تعريف ڪئي.

نسيم شاهه جو ذڪر اچڻ تي صحافي کيس ٻڌايو ته ان جي لاءِ ته ڀارتي اداڪارا (اروشي روتيلا) به پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لڳايو آهي.

جنهن تي ابرار الحق بي مقصد تنقيد ڪندي چيو ته نسيم شاهه نوجوان جيان آهي، پر اڃا ٻار آهي، ڀارتي اداڪارا کي گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري اسان جي ڇوڪرَن کي ڇڏي ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.