لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ 25 سالن جي نوجوان جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل لاش نشو واپرائيندڙ نوجوان جو لڳي رهيو آهي. جيڪو لاش هٿ اچڻ بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايڌهي رضاڪارن طرفان سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.