لاڙڪاڻي ۾ راشن گهرڻ تان پ پ اڳواڻ جي پٽن جو پورهيت تي تشدد، احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي واسي برسات متاثر راشن گهرڻ واري معاملي تان پيپلز پارٽي اڳواڻ جي پٽن مٿان تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻائڻ جا الزام لڳائيندي پريس ڪلب اڳيان روئي احتجاج ڪيو. ان موقعي ي پورهيت نوجوان شهبان علي ڀٽي دانهيو ته مان پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، تازو طوفاني برساتن کان پوءِ مسلسل گهر ۾ پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري گهرڀاتين سميت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان. هن الزام لڳائيندي چيو ته مان منهنجي ويجهي مائٽ ۽  پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر بشير ڀٽي کي برسات متاثرن ۾ ورهائڻ لاءِ راشن ۽ ٻيو سامان مليو آهي، جڏهن ته اڄ صبح جي وقت مان سندس رهائشگاھ تي وڃي راشن جي گهر ڪئي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، بعد ۾ هن پنهنجي پٽن شيراز احمد ۽ ساجد ڀٽي سان گڏجي مون کي پاڙي ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي تشدد جو نشانو بڻايو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر مائٽن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي. هن  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته راشن ڏئي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت آءُ خودڪشي ڪندس جنهن جو ذميوار پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر بشير ڀٽي هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.