شيخ رشيد سياسي رستي تان ڀٽڪي ويو آهي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته  شيخ رشيد سياسي رستي تان ڀٽڪي ويو آهي، لڳي ٿو هو ڪٿي نه پهچي سگهندو، شيخ رشيد پي ٽي آءِ جا پگهر اگهڻ بدران ملڪي مفاد جي ڳالهه ڪري، هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد جو ڪڻڪ جي امدادي اگهه تي تنقيد ڪرڻ سندس زرعي معشيت کان واقف نه هجڻ آهي، هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ زراعت جي بحالي ۽ هارين جي حوصلاافزائي لاءِ سهولتون ڏيڻيون پونديون، شيخ رشيد چاهي ٿو ته امپورٽيڊ ڪڻڪ مهانگي اگهه تي خريد ڪيون پر پنهنجي هارين کي فائدو نه ڏيون، ائين هر گز نه ڪيوويندو، سنڌ سرڪار سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين سان گڏ آهي.

ايشيا ۾ چانورن جي کوٽ، اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) ڀارت پاران چانورن جي ايڪسپورٽ تي پابندي سبب ايشيا ۾ واپار مفلوج ٿي ويو آهي، جنهن ڪري واپاري ويٽنام، ٿائيلينڊ ۽ ميانمار مان چانور خريد ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن، پرڏيهي ايجنسي جي رپورٽ موجب ڀارت پاران ايڪسپورٽ تي ڊيوٽي لڳائڻ  بعد چانورن جي اگهن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته واپارين سان ٿيل معاهدا روڪي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته دنيا ۾ چانورن جو استعمال ڪندڙن جو انگ 3 ارب کان وڌيڪ آهي،  واپارين موجب چانور جي کپت ۾ واڌ بعد ويٽنام به اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.