ملڪيتن بابت ڄاڻ لاءِ ڌار کاتو ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري بابت وڏو فيصلو ڏئي ڇڏي آهي، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت ملڪيتن جي معلومات جي لاءِ ڌار کاتو ٺاهي، جيڪو شهرين کي ٽن ڏينهن ۾ ملڪيتن جي ليز ، نقشي جي منظوري، اين او سي سميت ٻين قانوني معاملن کان آگاهه ڪري.عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته کاتي ٺاهڻ جو مقصد ملڪتين جي وڪري ۽خريد ڪرڻ ۾ پيدا ٿيندڙن معاملن تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. ملڪيتن جي حوالي سان درست معلومات نه هجڻ ڪري عدالتن ۾ ڪيسن جا ڍير لڳي ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.