ڪراچي سميت مختلف علائقن ۾ برسات، بي گهر ماڻهن جا اهنج ٻيڻا، 5 ڄڻا فوت

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل متاثرن جون تڪليفون وڌي ويون، کنوڻ ۽ گهر ڪِرڻ جي واقعن ۾ هڪ عورت سميت وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، موسميات کاتي موجب اڄ به ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، بدين ۽ ميرپورخاص ۾ انڌاري سان گڏ برسات جو امڪان آهي، ڪالهه سنڌ جَي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ طوفاني هوا سان گڏ برسات پئي صدر، ڊفينس، اختر ڪالوني، ملير، ابراهيم حيدري، گلشن حديد، گلشن معمار، گلشن اقبال، لياري، پنجاب چورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي، جڏهن ته عمرڪوٽ، سجاول، بدين ضلعن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ اڳ ئي ٻڏل علائقا وري متاثر ٿي ويا، جاتي، ماتلي، ڏيئي، جهڏو،  شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام حيدر،  ڪڙيو گهنور، گولاڙچي ۾ برسات جاري رهي، بدين، ڪنڊيارو، ڪنري، ڪلوئي، ڪڍڻ، ملڪاڻي  شريف، نئون ڪوٽ، شادي لارج، ٽنڊو محمد خان ۾ به برسات پئي، ٽنڊو باگو، ميان صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جاري، بندن ۽ روڊن تي ويٺل متاثر سخت عذاب ۾ مبتلا آهن، ڪيٽي بندر، ڳڙهي حسن، چمبڙ، مسڻ ۽ ڀرپاسي ۾ به برسات جاري آهي، جنهن سبب ٻوڏ متاثر پريشانيون ڀوڳي رهيا آهن، ڏيپلو تعلقي جي بارڊر واري ڳوٺ ڪنڊارو لنڊ يوسي جهرمريو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻه سڳا سئوٽ نوجوان موسا ولد الهبچايو ۽ يعقوب ولد ھاشم لنڊ فوت ٿي ويا، ٻئي نوجوان جهنگ ۾ رات جو مال سان گڏ ھئا، صبح تي ڳولا ڪرڻ تي جهنگ مان لاش مليا،  سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ ڏاٽو خان شر  ۾ کنوڻ  ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل دلدار علي شر جو لاش قبرستانن ۾ پاڻي هئڻ ڪري 20 ڪلوميٽر پري تاريخي قبرستان چٽوڙي شريف ۾ دفنايو ويو، چمبڙ جي يوسي مسوبوزادر جي ڳوٺ وريام سولنگي برسات دوارن گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 60 ورھين جو خدا بخش سولنگي دٻجي فوت ٿي ويو، جڏھن ته يوسي داد جروار جي ڳوٺ متارو ماڇي ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 45 ورھين جي پيرسن عورت فاطما سولنگي فوت ٿي وئي ٻنهي جا لاش چيلھه جيڏي پاڻي مان کڻي قبرستان پھچايا ويا، نئون ڪوٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان وقفي وقفي سان گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنھن سبب ٻوڏ متاثرين جا اھنج ٻيڻا ٿي ويا، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي ننڍن توڙي وڏن شھرن سميت ڳاڙھو، سانولَ پور، گليل، پير پٺو، جاڙادالي، ور شهر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز جاري رهي، جهڏو ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب پراڻ ڍورو ۾ پاڻي جي سطح ۾ چاڙهه ٿي وئي، تيز برسات سبب ڪراچي، ٺٽي، سجاول، گهاري ۽ مڪلي ۾ تيز برسات جي نتيجي ۾ ٻوڏ متاثرن جا خيما پِسي ويا ۽ متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن، ٻوڏ اڳ ئي انهن جا گهر تباهه ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ هو خيمن ۾ رهڻ تي مجبور آهن پر برسات سبب انهن جون عارضي پناهه گاهون به محفوظ ناهن، ٻوڏ متاثر اڳ ئي گندگيءَ سبب مختلف بيمارين جو شڪار آهن، جڏهن ته تازي برسات کانپوءِ خيمن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن جون پريشانيون وڌي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.