اوٻاوڙو: ملڪيت جي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، بنگلي جو ملازم مارجي ويو، ٻه زخمي

اوٻاوڙي ڀرسان ملڪيت جي تڪرار تان هٿياربندن جي حملي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ ٻه ملازم زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ لانگهو ۾ هٿياربندن ڄام منير ڏهر جي بنگلي تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ملازم علي حسن سپيو ٿڏي تي مارجي ويو.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بنگلي جا ٻه ملازم مغل سپيو ۽ خالد حسين ملڪ سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جھيڙي ۾ زخمين ٿيل پوليس ۽ ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته اوٻاوڙي جي بااثر وڏيري گوگي خان ۽ عقل ڏهر بنگلي جي مالڪن سان ملڪيت جي تڪرار تان حملو ڪرايو.

هن چيو ته حملي ۾ سندن نوجوان کي قتل ۽ هن سوڌو ٻن ملازمن کي زخمي ڪيو ويو، اختياريون نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.