ڪراچي ۾ برسات بابت موسميات کاتي جي اڳڪٿي غلط نڪتي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جي ڊائيرڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته برساتن جو سسٽم اسان جي اڳڪٿي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويو.

موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ شام يا رات ۽ سڀاڻي آنڌاري سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو پر منجهند جو ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان طوفاني برسات شروع ٿي وئي.

ان حوالي سان موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز چيو آهي ته اسان جي اڳڪٿي هئي ته برسات جو اهو سسٽم سڀاڻي کان اثرانداز ٿيندو پر سسٽم هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪراچي ۾ اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄ آنڌري سان وچولي ۽ تيز برسات پئجي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.