”علي ظفر ۽ ريچا چڍا ڇهه آڪٽوبر تي شادي ڪندا“هو اڳ ۾ ئي شادي شدا آهي!

ممبئي(ويب ڊيسڪ)فلمي ستارن جي هر ننڍي کان ننڍي ڳالهه ته خبر بڻجي ويندي آهي ۽ انهن جا مداح سوشل ميڊيا تي اهڙين خبرن تي دلچسپي سان تبصرا به ڪندا رهندا آهن.

باليووڊ جي سپر اسٽارز ريچار چڍا ۽ علي فضل جي شادي جون تقريبون هلندڙ سال ئي شروع ٿيڻ واريون آهن جيڪي هن وقت سوشل ميڊيا تي انهن جي مداحن لاءِ اهم موضوع بڻيل آهن. ساڳئي ئي وقت وري ميڊيا جا صحافين به ان حوالي سان روز روز نيون خبرون ڏئي سندن مداحن کي باخبر ڪندا رهن ٿا.

تازو ئي هڪ صحافي اهڙو ئي اطلاع ڏيندي ننڍڙي غلطي ڪري ڇڏي جنهن تي اداڪارا ريچا چڍا جو موقف به فوري طور تي اچي ويو آهي.

ٿيو ائين ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي صحافي ٻنهي ستارن جي ڇهه آڪٽوبر تي شادي جي خبر ڏيندي ريچا چڍا سان گڏ علي فضل جي جاءِ تي غلطي سان علي ظفر جو نالو لکي ڇڏيو.

صحافي لکيو ته ”علي ظفر ۽ ريچا چڍا  ڇهه آڪٽوبر تي دهلي ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن. وليوم ست آڪٽوبر تي ممبئي ۾ ٿيندو“.

اهڙو ٽوئيٽ ڏسي ريچا چڌا به حيران ٿي وئي ۽ ان پوسٽ جو اسڪرين شاٽ ڪڍي هڪ ٽوئيٽ ڪري ڏنو.

ريچا چڍا  ان صحافي جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي لکيو ته ”علي ظفر هڪ پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي شادي شدا آهي“.

امڪاني طور تي اداڪارا پاران اهڙي درستگي ڪرڻ کانپوءِ ان صحافي اهو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.