سوال -اَنُود ڪاسائي جي کڏ -بادا بي ميار

ڊاڪٽر رحمت الله بروهي

سنڌ ۾ مينهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي، نه منڇر ۾ وڃي ٿو،نه درياھ ۾ ۽ نه سمنڊ ۾ . سنڌ ۾ پاڻي وهندو، هلندو ۽ ڳوٺ ، واهڻ ، وستيون ۽ شهر ٻوڙيندو وڃي ٿو. آخر ڳالھه ڇا آهي؟ پاڻي کي گس نٿوڏنو وڃي؟ ڪٽ مٿان ڪٽ ڏنا وڃن ٿا. ٻوڙ ٻوڙان لڳي پئي آهي. ماجرا ،  چڪر ۽ ڳجهارت ڪهڙي آهي؟ خيرپورناٿن شاھ سميت ڪيئي شهرٻڏا يا ٻوڙيا ويا آهن؟ شديد موسمن ۽ مينهن ۽ امڪاني ٻوڏ جي ڄاڻ هوندي به اڳواٽ تربيلا ڊيم  ڇو خالي نه  ڪيو ويو؟ سکر بئراج جا دروازا بند رکيا ويا ۽ منڇر ڍنڍ کي اڳواٽ خالي نه ڪيو ويو، ڇو؟ جڏهن منڇر ڍنڍ  تار ٿي ته پوءِ ڪٽ ڏنا ويا. تنهن ڪري ٻيا  ڳوٺ ۽ شهر به ٻڏا آهن. ڇا ڪٽ فائديمند ٿين ٿا؟ ڪٽن نقصان ڏنو آهي، فائدو ته نه. ڪٽن جي سياست جي ڪري سنڌ سڄي ٻڏي آهي.

پختونخواھ ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ مينهن وُٺا. بلوچستان ۾ حد کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ٿيوآهي. پر سنڌ کي ته هٿ وٺي ٻوڙيو ويو آهي. ڇا سوچيل سمجهيل سازش آهي؟ ڇا پري پلان ھو؟ سنڌ حڪومت بچاءُ لاءِ، بندوبست ڪرڻ لاءِ تحرڪ، نه ورتو آهي. ڇو؟ ملڪ جي سڀ کان طاقتور شخصيت جو ڏيهين توڙي پرڏيهين کي امداد لاءِ اپيل، وزيرِ خارجـه ۽ وزيراعظم جو ڏيهي توڙي پرڏيهي امداد لاءِ عرض پر، پنهنجن ملڪي وسيلن ۽ ذريعن ۽ رِزَرو کي اِستعمال نه ڪرڻ ۽ ڍڪي رکڻ ڇا، پِري پلاننه آهي.

سوال آهي ته ڇا سنڌي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪرڻ جي سيکت، ڏِني پئي وڃي؟ ته جئين سنڌي عوام کي ٻوڙي، نِستو، بي وس ۽ مجبور ڪري ماري مڃائجي؟ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ته ڊيم ٺهيل هجي ها ته، پختون خواھ جي برساتن ۽ ٻوڏ جو پاڻي ڊيم ۾ وڃي ها ته، سنڌ ڏانهن پاڻي نه اچي ها ۽ سنڌ نه ٻڏي ها، يا سنڌي قوم کي ٻوڙيو ويو اَربين، کربين روپين جي امداد، هٿ ڪرڻ لاءِ؟ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن ٺاهڻ لاءِ؟ ته جئين رنڊڪ نه بنجن؟ يا هڪ ڌڪ سان ٻئي شڪار، ڪرڻ لاءِ؟ چون ٿا ته وسيلا ڪونهن. اهڙا مينهن، ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون نه ڏٺيون نه ٻُڌيون. اهم ترين شخصيت چئي ٿي ته پئسو گهڻو ئي مليو آهي. ريليف ڏينداسين. ڪرائيسس مينيجمينٽ يونٽ(سي ايم يو)، ڊي اي ايم پي، ڊي ايم اي جِي بجيٽ کرب آهي. اسان جو چڱو مڙس، سائين سڳورو چئي ٿو  ته چاليهھ ارب روپيا ڏنا آهن. اڄ ڪالهھ چلتو پُرزو، وزير ِصاحب چئي ٿو ته ايڪيتاليھه ارب روپيا خرچ ڪيا آهن. اڃان تائين برسات ۽ ٻوڏ جي ماريلن کي ڪجھه نه مليو. رليف؟ ميدان تي ڪاريءَ وارا ڪَکَ. اهي پئسا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟  اَنُود ڪاسائي جي کڏ ۾؟ رليف نه ٿا ڏين. واهرنه  ٿا ڪن. ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو اٿن.

خيرپورناٿن شاھ  جي بچاءَ جا بند مظبوط هئا. ڪيئي ورهن کان نه ٽُٽا هئا، نه ڪڏهن شهر ٻڏو هو. 1942ع جي ٻوڏ آئي هئي ته بنهھ ٿورو پاڻي شهر تائين مس، پهتو هو. 1976ع ۾ ٻوڏ آئي ته شهر نه ٻُڏوهو.ڪو به نقصان نه ٿيوهو. وري به بچاءُ جا وڌيڪ انتظام ڪيا ويا هئا. سدائين بلوچستان جي مينهن جو پاڻي ايندو، پنهنجو گس وٺيو، خيرپورناٿن شاھ  ۽ جوهي جي پاسي کان ٿيندو، منڇر، درياءُ ۽ سمنڊ ۾ ڪرندو هو. پر هِن دفعي آخر ڇا ٿيو جو بندن کي ڪَٽَ ڏئي خيرپورناٿن شاھ  ڏانهن پاڻي ڪاهي آڻي، ٻوڙيو ويو؟ ڇا جوهي گيس فيلڊ، ايئرپورٽ ۽ ايم اين اي جون پوکون ۽ زمينون بچائڻ لاءِ خيرپورناٿن شاھ ڏانهن پاڻي نيڪال ڪيو ويو؟

11 _2010ع ۾ به مينهين وُٺا هئا. سنڌو دريا جي سطح وڌي وئي هئي. پختونخواھ مان به مينهن جو پاڻي آيوهو. ڀريل دريا ۾ تربيلا ڊيم  جو پاڻي ڇڏيو ويو هو. جيڪو مينهوڳي کان اڳ خالي ڪرڻو هو. پاڻي نَوَ لَکَ کن ڪُيوسِڪ تائين پهچايائون. سنڌو کي اُبتي پاسي ڪَٽَ ڏئي ۽ پيرن، شاهن، سيٽلرن جون پوکون ۽ ملڪيتون بچائڻ لاءِ، ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ ۽ ٻيا علائقا ٻوڙيا ويا هئا. پهريون دفعو خيرپورناٿن شاھ  جي تَرَ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي قربن ۽ مهربانين سان رات پيٽ ۾، مشينون آڻي بند ڀڳا ويا هئا ڇو.؟ شهر چار مهينا کن ٻڏل هو. چونڊيل نمائندا ۽ عملدار ظاهر نه ٿيا هئا. پاڻي نيڪال نه ٿيو هو. ماڻهن ۽ جانورن کي مرڻ ڏنو ويو هو. ملڪيتون تباھ ٿيون هُيون. ماڻهو مَهينن جا مهينا ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ رُلندا، پِنندا، رهيا هئا. صوبو ۽ وفاق ّظاهر نه ٿيو هو. ڄڻ ته سنڌي ماڻهن جو مرڻ، جئيڻ، بچڻ سندن ذميواري نه هئي. ان تباهي بَدلي کين کربين روپين جي ڏيهي ۽ پرڏيهي امداد ملي هئي. اَرب، کَرب روپيا ته کپن نه.

هُن دفعي ۽ هِن دفعي به غير سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي خبرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو يا بائيڪاٽ ڪرائي ڇڏيو ويو.

هِن دفعي به سنڌ حڪومت واهر نه ڪئي. چونڊيل نمائندن، سنڌي ماڻهن جون آهون ۽ دانهون، رڙيون ۽ ٻاڪارون، معصوم ننڍن ٻارن جون بک ۽ بيمارين کان ڪِيڪون، چِيخون، عورتن جا پِٽ ۽ پاراتا، سندن شان ۾ قصيدن کان ڪَنَ بند ڪري کين لاوارث ڇڏيو ويو آهي. سنڌي ماڻهون، ٻڏي، تري، الهھ تلھه ڇڏي نِڪتا ۽ ڀڳا. هزارن جي انگ ۾ جوان مرد، ٻار، ٻڍا ۽ عورتون فوت ٿيون آهن. لکين ڍور مئا آهن. ماڻهن جا اَجها ڍهي پَٽ پئجي ويا آهن. کربن جو نقصان ٿيو آهي. قيامت جو ڏيک آهي پر سنڌ حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت آهي ڪٿي؟ پنهنجي عوام ۽ قوم ڏانهن غيرانساني لاپرواهي، غيرانساني غيرذميواري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هوس ۽ لالچ آهي؟ پرڏيهن کي فضائي  دورو ڪرائي، ٻڏل ۽ برباد ٿيل سنڌ ڏيکاري، کربين روپين جي امداد جي هوس ۽ لالچ؟

شاباس آهي ِغير سرڪاري پارٽين، تنظيمن، گروپن ۽ فردن کي جن هوند ۽ اڻ هوند ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شهرن ۾  ڏکين حالتن ۾ مري ۽ جُهري پهتلن جي سار پيا لهن. سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پاڻ ملهايو آهي. باقي غير سنڌي ميڊيا جا ساڳيا پرڪار آهن. دنيا جا ملڪ ۽ قومون، اهڙين حالتن ۾، اڳواٽ پنهنجي عوام کي هوشيار ۽ خبردار ڪنديون آهن. بچاءَ جو انتظام ڪنديون آهن. پنهنجا سڀ وسيلا ۽ ذريعا ڪَتب آڻينديون آهن. ائين نه چونديون آهن ته قدرتي آفتون آهن. وسيلا ۽ ذريعا نه آهن. اسان بي ميار آهيون اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ ٺٺول ٿا ڪن؟ ڪيڏيون به برساتون پون ۽ ٻوڏون اچن يا زلزلا اچن. عوام ڏانهن مخلص ۽ سچيون حڪومتون ۽ قومون ساڻن هر حالت ۾ گڏ بيٺيون هونديون آهن.

مينهن ۽ ٻوڏ جي ڪري هر قسم جا فصل ختم ٿي ويا آهن ڀاڄيون ۽ اناجُ ختم ٿيو آهي. مهانگائي وڌندي ۽ ستين آسمان تي پهچندي. وڌيڪ بک ۽ وڌيڪ بيماريون مُنهن ڪڍنديون. مدي جو بخار، مليريا، دست جلاب ۽ الٽيون، ڊينگي وغيره. سرڪار ۽ سرڪاري اسپتالن جا حال ساريا پيا آهن. نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئُه. هاڻي ئي ڌنڌي ڌاڙين وڃي ترو ورتو آهي. عوام جو گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آهي. مستقبل، بي پهچ عوام جو مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ هي نااهل سنڌ ۽ مرڪزي حڪومت مستقبل ۾ ڇا ڪري سگهندي. جن جا گوڏا هاڻي ئي کوڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تمام وڏو سوال آهي.

هي قهر ۽ ّظلم، ڏکن ۽ عذابن ڀريو، موتمار وقت به گذري ويندو. سنڌي عوام اقتداري ڌرين جي ناٽڪن کي سمجهي. ملڪ جي بادشاھ گرن جي کيڏ ۽ راند کي سمجهي. سندن، اسان وارن ننڍن ڀاڱي ڀائيوارن ۽ جوڙيدارن جي اٽڪلن، ڊرامن ۽ نقاب چڙهيل، جعلي عوام دوستي جي ويس ۾ ٽِڪساٽ کي سمجهي. پنج ڇهه دفعا حڪومت ملڻ ۽ پندرنهن سال، ماڻهن کي مُنجهائي، حڪومت ڪري موجون ڪرڻ، وارين چالاڪين کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇا هنن جو ارادو آهي ته سنڌي ماڻهن کي پينو ۽ فقير بڻائجي، کين معاشي ّطرح ناس ڪجي. مورڳو،موڳو ۽ بي همت ۽ مُڏو ڪري، جهنگ ۽ ّغارن ڏانهن مُنهن ڪرائجي. سنڌي قوم جو وجود مِٽائجي؟ لساني ۽ تعصبي ٽولي کي، سنڌي عوام جي ڪنڌ تي سوار ڪرائي، سنڌ سندن حوالي ڪجي؟

سنڌي قوم پنهنجا ننڍا وڏا ويڇا وساري، متحد ٿئي.ٻڌي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.