ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي اڻ ٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ اسان کي آزاد ملڪ پاڪستان حاصل ٿيو، قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته  هن سال ڪراچي ۾ 1150 ملي ميٽر برسات ٿي آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. پر ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪي ايم سي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا روڊن تي نظر آيا ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڀرپور محنت ڪئي. سندس چوڻ هو ته برساتن کانپوءِ اڍائي ارب رپين جي لاڳت سان روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ جا ڪيترائي شهر تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پکڙجندڙ بيمارين جي علاج لاءِ طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن هن چيو ته ٻارن ۽ حامله عورتن جي غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ غذائي خوراڪ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هڪ سوال جي جواب ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪراچي جي جن اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثرن کي رهايو ويو آهي کين جلد ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويندو، پوري ملڪ ۾ هن وقت ٽينٽ دستياب ناهن جيئن ئي ٽينٽ ملندا کين ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويندو، ڪراچي ڪشمير ڪالوني ۾ ڏهن ورهين جي ٻارڙي سان گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هن  چيو ته اهڙي وحشي انسان کي سزا ملڻ گهرجي هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ضرور وڌيو آهي پر ان جي پس منظر کي ماڻهو بيان نه ٿاڪن مان ان ڳالھ سان منتق آهيان ته پوليس کي الرٽ هجڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.