جنوري ۾ چونڊون ، ايندڙ مهيني اسيمبليون ختم ؟

لاهور ( تجزيو: معظم فخر )  ايندڙ مهيني اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت قائم ڪري جنوري يا فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو  ٿي چڪو آهي ۽ اهڙو پيغام عمران خان کي به پهچي چڪو آهي . نامياري صحافي معظم فخر  جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم جا  انٽرويو به مڪمل  ٿي ويا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن به چونڊون ڪرائڻ جون تياريون  شروع ڪري ڇڏيون آهن ، اهوئي ڪارڻ آهي ته عمران خان  پيغام ملڻ کانپوءِ گجرانوالا جلسي۾ جيڪو تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو  اعلان ڪرڻو هو اهو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ، موجوده حڪومت  آرمي چيف جي  ملازمت مدي ۾ واڌ يا نئون آرمي چيف  مقرر ڪرڻ جو فيصلو  هاڻي آڪٽوبرجي ابتدا ۾ ئي ڪري ڇڏيندي، جنهن کانپوءِ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون  ۽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان  ڪيو ويندو، ان ڪري 15 سيپٽمبر کان  15 آڪٽوبر جا ڏينهن ا  نتهائي اهم آهن ، صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته گهرو وزير رانا ثناءَ الله پڻ اشارو ڏئي چڪو آهي ته نئين سال جي شروع ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون ، ان ئي سلسلي ۾ ذريعن جو ڇوڻ آهي ته گجرانوالا ويندڙ  اهو جهاز جنهن ۾  عمران خان کي جلسي ۾ پهچڻو هو  اهو  خراب ڄاڻايو ويو، اصل ايئرپورٽ تي اهم شخصيتن پهچي  عمران  سان ملاقات ڪري کيس پيغام پهچايو ته صبر  کان ڪم وٺي  جلسي ۾ تحريڪ جي ايندڙ  مرحلي جو  اعلان نه ڪري ڇوته جنوري ۾ چونڊون ڪرائڻ جو  فيصلو ٿي چڪو آهي، ماضي واري غلطي ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ، ڇوته ماضي ۾ به چونڊون ڪرائڻ جو  فيصلو ٿي چڪو هو  پر اوهان 25 مئي تي مارچ جو  اعلان ڪري ڇڏيو  ان ڪري چونڊن وارو فيصلو  اهو چئي ملتوي ڪيو ويو ته  هاڻي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ته  عام سطح تي  اهو تاثر ويندو ته  عمران خان جي دٻاءُ ۾ اچي  چونڊن  جو اعلان ڪيو آهي ، ذريعن موجب  انهن شخصيتن روڊ رستي جلسي گاهه تائين عمران سان گڏ سفر ڪيو  ۽ کيس سموري ڪهاڻي سمجهائي ان بعد عمران خان  پنهنجن اهم اڳواڻن سان  صلاح مشورو ڪيو  ۽ تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ملتوي ڪيو آهي ، پاڪستان جي سياست ۾  ڪنهن به وقت  ڪجهه به ممڪن آهي ، تازي معلومات پنهنجي  وي لاگ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙن تائين پهڇائي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.