آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ 2 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان

واشنگٽن(م ڊ) جوبائيڊن انتظاميا پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ 2 ڪروڙ ڊالر امداد ڏيندي، آمريڪي ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن لي هيوسٽن ۾ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ آمريڪي انتظاميا کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو جنهن جي نتيجي ۾ بائيڊن انتظاميا وڌيڪ 20 ملين ڊالرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي ميئر هيوسٽن ۽ ڪانگريس ميمبر ايل گرين چيو ته اسان هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستانين سان گڏ آهيون، عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري، واضح رهي ته آگسٽ جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪا ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 ڪروڙ ڊالرن جي امداد جو به اعلان ڪيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.