ميرپوربٺوري ۾ تعلقي انتظاميا خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ميرپوربٺورو (ن ع آ)سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ميرپوربٺورو پاران تعلقي انتظاميا خلاف احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، برسات متاثرن جو امدادي سامان رات جي اونداهي ۾  من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ، تعلقي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ قومپرست اڳواڻ نعمان  شورو سميت 150 ماڻهن تي تعلقي انتظاميا پاران ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ميرپوربٺورو ۾ شامل تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالغني ملاح، قومي عوامي تحريڪ جي ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو، پي ٽي آئي جي راجا شورو ۽ جي يو آئي جي طفيل کٽي جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو جي تلاءُ چوڪ کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پاران تعلقي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي سجاول حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مظاهرين چيو ته تعلقي ميرپوربٺورو جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار ميرپوربٺورو پاران تازين برساتن بعد متاثرن ٿيل ماڻهن جي پرگهور لهڻ بجائي کين بي يارو مددگار ڇڏيو ويو ۽ متاثرن جي آيل امداد رات جي اونداهي ۾ وڏيرن جي اوطاق تي پهچائي ويئي جنهن خلاف آواز اٿارڻ تي قومپرست اڳواڻ نعمان شورو ۽ سندس ڀاءُ سميت 150 ماڻهن خلاف انتظاميا پاران ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي، هنن چيو ته انتظاميا جي نااهلي سبب ميرپوربٺورو جي مختلف علائقن مان ٽي هفتا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب ڳوٺ ڀلو ڪولهي ۾ برساتي پاڻي ۾ 6 ورهين جي نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي، هنن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ميرپوربٺورو پاران انتظاميا جي اهڙي عمل خلاف احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ تعلقي ميرپوربٺورو جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن ۽ نااهل عملدارن جي معطلي تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.