برسات سبب متاثر ٿيل فنڪارن جي سهائتا نه ٿي، نوابشاهه ۾احتجاجي مظاهرو

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ سنڌ جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن جي مالي ساھتا نه ٿيڻ خلاف مرڪزي سڏ تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان شھيد بينظيرآباد پاران امتياز ڪيريو،  ثناء الله ڀٽي، گل منصور لنڊ، رشيد خاصخيلي، اسلم شاد، مٺل ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي ثقافت کاتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي فنڪارن ۽ آرٽسٽن چيو ته سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻين ماڻھن سميت سنڌ جا فنڪار ۽ آرٽسٽ به تمام گھڻا متاثر ٿيا آھن، ھنن چيو ته انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ثقافت کاتي پاران سنڌ ۽ خاص طور تي شھيد بينظيرآباد جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن پاران ڪابه مالي امداد نه ڪئي آھي، جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آھي، ھنن چيو ته آرٽسٽ ھميشه ڏکايل ماڻھن جي چھرن تي مرڪون وکيريندا آھن ليڪن ھن وقت سنڌ جو آرٽسٽ بک ۽ بدحالي سبب روئي آھي ليڪن ان جا ڳوڙها ڪير به اگھڻ لاءِ تيار نه آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته ثقافت کاتي پاران سنڌ جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.