ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ڪچي جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، هزارين خاندان دربدر

ڳاڙهو/ ڪيٽي بندر(رپورٽ: محمد علي راڻو+الياس سمون ) سنڌو درياهه ۾ مسلسل چاڙهه سبب ڪچي وارن علائقن گهوڙاٻاري دانڌاري اڏيرو سڄڻواري جنگيسر ڊانڍو کاوڇاڻ ڪيٽي بندر ٻاٻيهو  مان لڏپلاڻ   ڪري پاڻ مرادو پناه ورتل هزارين ماڻهو هن وقت بي يارو مددگار بڻيل آھن جن کي کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجه به ناهي پر تنبو به ناهين مليا سوين ماڻهون مرد عورتون ۽ ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ٻئي طرف ضلع انتظاميه مڪمل غائب آھ واسطيدارن جا موبائل بند آھن جڏهن ته درياء ۾ چاڙھ سبب وڌيڪ ڪچي وارا علائقا خليفه موليڏنو اوٺو ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن چونڊيل نمائيندن مان اڃان ڪير به ناهي پهتو جڏهن ته ڪچي ۾ قائم سوين خانگي بندن سبب پاڻي جا قدرتي لنگه بند ڪيا ويا آھن جنهن سبب دريا جي پاڻي جو سڄو دٻاء بي يو بند تي پئجي رهيو آھي بااثرن پاران پنهنجن غير قانوني بندن کي بچائڻ لاءِ ايريگيشن کاتي کي بيوس ڪري بندن تي هٿياربند مقرر ڪري ورتا آھن جنهن سبب هزارين ماڻهون بيگهر ۽ دربدر ٿي رهيا آھن تعلقي ڪيٽي بندر ۾ انڊس ڊيلٽا جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪچي جا سوين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آھن، ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. ڳوٺ حاجي عباس پيروزاڻي، ڳوٺ حاجي خير محمد مروو، ڳوٺ ڪريم بخش مرگھر، سوين ڳوٺ سامونڊي چاڙهه سبب سان گڏ سنڌو درياهه جي پاڻيء هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ڳوٺن کي حفاظتي بند نه هجڻ سبب سوين خاندان دربدر ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن وٽ هن وقت کاڌ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻن ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته صورتحال جو نوٽيس وٺي متاثرن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪري کاڌ خوراڪ سميت پيئڻ جي پاڻي جي سهولت سميت ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيٽي بندر انڊس ڊيلٽا کان سمنڊ پاڻي تيزي سان جذب ڪري رهيو آهي سمنڊ جي چاڙهه ۽ ٻوڏ سبب ڪيٽي بندر کاروڇاڻ جي ڪچي واري علائقي جا لڳ ڀڳ هڪ سئو ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، ھن وقت تائين ڪيٽي بندر جي ڪچي جا 30 کان مٿي ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب متاثر کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، هوڏانهن موسيٰ مياڻ وٽان بچاءُ بند آخري پساھن ۾ آهي، بند ٽٽڻ سان جنگيسر ۽ خليفا جا سمورا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا، ان سلسلي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪ اھم ٻڌايا پيا وڃن، سمنڊ جي ويرن ۾ تيزي جا امڪان به آهن، جنهن سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، پر انتظاميا گم آهي. کاروڇاڻ شھر ۽ سڄڻ واري شهر مڪمل پاڻي جي گھيري ۾ درياء سنڌو جو سيلابي ريلن سامونڊي پٽي جا شھر ٻوڙي ڇڏيا ھزاري ماڻهو ڦاٿل سڄڻ واري شهر جي مين روڊ جي پل ٽٽي پئي شھر جو باقي علائقي سان رابطو ڪٽجي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.