سنڌ ٻڏي پئي آهي، هيلي ڪاپٽر دورن سان ڪجهه نه ٿيندو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر)پي ايس پي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ تباهه ٿي وئي آهي، هيلي ڪاپٽر ذريعي دورا ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن جي رپورٽ سان نه لاڳاپيل ادارن جي رپورٽ سان معاملا حل ٿيندا، ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي انچارچ بنائڻ عوام سان ظلم آهي، اهڙين ڳالهين جو اظهار هن نيب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان کان اڳ احتساب عدالت سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪارروائي هلائڻ بنا 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.