فيروز خان شوبز ڇڏڻ جو ارادو ڇو مٽايو؟

پاڪستان جي مشهور اداڪار فيروز خان ڪجهه وقت پهريان شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو

تازو ”خدا اور محبت“ جهڙي جڳ مشهور ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ فيروز خان پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي نجي زندگي سميت ڪيترين ئي موضوعن تي کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن انٽرويو ۾ اداڪار شوبز ڇڏڻ واري اعلان بابت چيو ته هو آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني لاءِ ڪنهن جاءِ تي ڦاسي پيو جنهن سبب هو پنهنجي ايندڙ زندگي جي حوالي سان سوچي رهيو هو ۽ هڪ بزنس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين، اهو ئي ڪارڻ هو جو هو اداڪاري کي وڌيڪ جاري نه پئي ڪري سگهيو.

فيروز بعد ۾ پنهنجو فيصلو مٽائڻ جي به وضاحت ڏني ته سندس مرشد کيس ايترو وڏو فيصلو وٺڻ کان روڪيو جنهن تي هن شوبز ۾ واپسي ڪئي

فيروز خان هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته هو حقيقي زندگي ۾ رومانس ڪرڻ ٿو چاهي، محبت ڪرڻ ٿو چاهي، هن چيو ته محبت جو تجربو ڪرڻ ٿو چاهي ڇاڪاڻ ته الله سڀين نعمتن ۾ محبت جو سبق ڏنو آهي جڏهن ته اوليا ولي به محبت کي ترجيح ڏيندا هيا.

فيروز خان چيو ته صوفين اسان کي معافي، درگزر ۽ محبت کي ترجيح ڏيڻ سيکاريو آهي، هنن ٻڌايو آهي ته انسان کي به گهرجي ته اسڪرين بجاءِ حقيقي زندگي ۾ محبت ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.