سون عالمي مارڪيٽ ۾ سستو ۽ پاڪستان ۾ مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت گهٽجڻ باوجود پاڪستان ۾ سون جو اگهه وڌي ويو.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 4 ڊالر گهٽجڻ سان 1717 ڊالر جي سطح تي پهچڻ باوجود مقامي مارڪيٽن ۾ ڇنڇر ڏينهن في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيب وار 1300 رپيا ۽ 1115 رپيا واڌ ٿي.

واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت وڌي 153000 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 131173 رپين جي سطح تي اچي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.