نوابشاهه ۾ برسات متاثر ٻن ڀائرن کي پوليس کنڀي وئي، ڳوٺ ۾ خوف

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) تعلقي نوابشاهھ جي پوليس ايس ايڇ او گلزار مري جي اڳواڻي ۾ پوليس اھلڪارن سان گڏجي برسات جي پاڻي ۾ گھيريل ڳوٺ بخشڻ خان جمالي تي ڪاھه ڪري ڳوٺاڻي محمد اسماعيل جمالي جي پُڇا ڪئي ۽ سندس غير موجودگي سبب ٻن پُٽن مرتضيٰ جمالي ۽ غلام ياسين جمالي کي پاڻ سان کنڀي وئي پوليس ڇاپي سبب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو ڳوٺ جي رھواسين اشرف جمالي ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس ٻن ڏينھن کان مسلسل بنا سبب اسان کي تنگ ڪري رھي آھي اسان جي نيڪ مرد محمد اسماعيل جمالي جي پڇا ڪئي ۽ غير قانوني طور تي چادر ۽ چار ديواري جي پرواهھ بنا ڌاڙيلن وانگي گھرن ۾ داخل ٿي ٻن ڄڻن کي تشدد ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وئي جن کي ھاڻي گم ڪيو ويو آھي اسان شريف ۽ پورھيت آھيون برسات سبب اڳ ئي متاثر ٿيل آھيون ڳوٺ جي اندر ۽ ٻاھران برسات ۽ سِم نالي جي گڏ ٿيل پاڻي سبب سخت پريشان آھيون پوليس اسان متاثرن کي به تنگ ڪري رھي آھي ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڊي آئي جي، ايس ايس پي ۽ ٻين اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته تعلقي پوليس جي ذيادتين جو نوٽيس وٺي پوليس ھٿان حراست ۾ ورتل مرتضيٰ جمالي ۽ غلام ياسين جمالي کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته اسان کي خدشو آھي ته پوليس ڪنھن جي ونگار وھندي اسان جي نوجوانن کي نقصان پھچائيندي. ٻئي طرف تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او گلزار مري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڳوٺ بخشڻ جمالي ۾ ڪو به ريڊ نه ڪيو آھي ۽ نه ئي اسان ڪو ماڻھو گرفتار ڪيو آھي ھن ٻڌايو ته نوابشاھ مان مير نواز جمالي جي ڪار چوري ٿي ھئي جنھن جو شڪ محمد اسماعيل جمالي تي آھي جوابدار اسماعيل جمالي اسان مٿان پريشر وجھڻ لاءِ ڳوٺ تي چڙھائي ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري جو ڪوڙو ڊرامو ڪري رھيو آھي ته جيئن پوليس سندس خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.