ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ ايس ايس يو ڪمانڊوز مقرر

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾  اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ ايس ايس يو ڪمانڊوز شهر جي ڪرائيم هاٽ اسپاٽ تي مقرر  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد جي هدايتن تي ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو. ڪمانڊوز مقامي پوليس کي اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ڪندا . ڪمانڊوز 2 شفٽن ۾ 24 ڪلاڪ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا . ڪمانڊوز اسسٽنٽ 15 تي مليل اسٽريٽ ڪرائيم جي رپورٽن جو به فوري جواب ڏيندا، ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد چيو ته ڪمانڊوز جي مقرري جو فيصلو اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.