ميڊيڪل جي شاگردن مٿان ڪيس داخل جي مذمت ڪريون ٿا: ينگ ڊاڪٽر

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن سنڌ جو هنگامي اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر عمران سلطان ۽ صدر ڊاڪٽر ياسين  عمراڻي جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان ميڊيڪل جي شاگردن مٿان داخل ايف آءِ آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته ميڊيڪل جي شاگردن کي ڪيترن ئي ڏينهن کان هاسٽل ۾ بجلي، پاڻي ۽ صفائي جهڙيون سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي شاگردن يونيورسٽي انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪيون پر انتظاميه جي ڪن تي جونءِ به ٿي چُري جڏهن شاگرد پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ته وائيس چانسلر ان ڳالهه کي پنهنجي شان جي خلاف سمجهي شاگردن مٿان من گهڙت ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي شاگردن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. اسين يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي آمراڻه قدم جي سخت مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير، صحت کاتي جي سيڪريٽري، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي جي صوبائي وزير کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور تي شاگردن مٿان داخل ايف آءِ آر ختم ڪري ملوث انتظاميه کي معطل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.