پرويز الاهي جي عمران کان بغاوت، آرمي چيف کان هٿ ٻڌي معافي

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جا  پويان پير، عمران خان کان بغاوت، سپهه سالار کان هٿ ٻڌي معافي وٺي ڇڏي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته عمران خان جيئن ئي لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏني ۽ فيصل آباد جلسي ۾ ڪيل تقرير بعد پشاور جلسي ۾ عمران خان پٺتي هٽڻ بدران ٻه  هٿ اڃان به اڳتي هليو ويو ۽ لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جنهن پٺيان منطق اهو هو ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي مان لشڪر ڪڍي اسلام اباد تي ڪاهه ڪندو ته پرويز الاهي  هڪدم پويان  پير ڪيا ۽ هڪ ٻئي  پٺيان ٻه ٽوئيٽ  ڪري ڇڏيا، هڪ اهو ته فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه کي تمام ويجهڙائي کان  ڏٺو آهي، هن جون اسلام ۽ پاڪستان توڙي جمهوريت لاءِ ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن، فوج خلاف ڳالهائڻ دين  ۽ قوم خلاف ڳالهائڻ برابر آهي. ٻيو ٽوئيٽ پي ڊي ايم ان غلط فهميءَ ۾ نه رهي ته ڪنهن جا پاڪ فوج سان اختلاف ٿيندا يا لاڳاپا خراب ٿيندا.

سمورن مسئلن جو حل جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪوششن سان ئي ممڪن آهي، نامياري صحافي عمران شفقت تبصرو ڪندي  چيو ته ان کي چئبوآهي هٿ  ٻڌي معافي وٺڻ  يا نوڪري چاڪري ڪرڻ ۽ خاطري ڪرائڻ ته اوهان جا ٻچا هئاسين آهيون ۽  رهنداسين، غلط  فهميءَ ۾ هڪ پاڳل سان وڃي مليا آهيون پر رحم جي نظر ڪجو،  آهيون اوهان جائي، ٻئي طرف عمران خان کي به پيغام سمجهڻ گهرجي ۽ پرويز الاهي تي گهڻو نه ڀاڙڻ گهرجي ڇو ته پرويز الاهي انهن جو ٻچو آهي جن خلاف عمران خان لانگ مارچ  ڪري رهيو آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-08 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.