ڪوئيٽا ۾ دستي بم جو حملو، عورت ۽ ٻار سميت 7 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا(م ڊ) ڪوئيٽا جي علائقي ميڪانگي روڊ تي دستي بم حملي ۾ پوليس اهلڪار، عورت ۽ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق واقعو خدائيداد چوڪ ويجهو ميڪانگي روڊ تي پيش آيو، جتي نامعلوم ماڻهن بيڪري ويجهو دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن جي ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ويوڌماڪي سبب ويجهن دڪانن جا شيشا به ٽٽي پيا، اڃا تائين ڌماڪي جي ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي

پسند جي شادي ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر) ڇوڪريءَ جي پسند جي شادي ۽ مبينا اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءُ شبير جي ضمانت لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڇوڪريءَ سان ملاقات ۽ 164 جي قلم هيٺ بيان رڪارڊ ڪرايو.جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي جوابدارن جي وڪيلن جا دليل به مڪمل ٿي ويا آهن. ڪيس ۾ 6 جوابدارن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن

فيصل ظفر فاروقي ڊائريڪٽر اطلاعات سوشل ميڊيا مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت اطلاعات کاتي جي آفيسر فيصل ظفر فاروقي کي ڊائريڪٽراطلاعات سوشل ميڊيا مقرر ڪري ڇڏيو، فيصل ظفر فاروقي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ آف سوشل ميڊيا ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو، چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.