ايشيا ڪپ: نسيم شاهه آخري اوور ۾ پاڪستان کي فتح ڏياري ڇڏي

شارجا (م ڊ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ افغانستان کي هڪ رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي.شارجا ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهي سگهي.حضرت الله زازئي 21، رحمان الله گرباز 17، ابراهيم زادران 35، ڪريم جنت 15، نجيب الله زادران 10، عضمت الله 10، راشد خان 18 رنسون ٺاهيون.پاڪستان طرفان حارث رئوف 2، نسيم شاهه، محمد حسنين، محمد نواز، شاداب خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ گهربل هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي 4 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.شاداب خان 36، افتخار احمد 30، رضوان 20، فخر زمان 5، محمد نواز 4، آصف علي 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.هڪ موقعي تي ميچ ۾ افغانستان جي پڪڙ مضبوط ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان کي آخري اوور ۾ 11 رنسون گهربل هيون، جڏهن ته ان جي هڪ ئي وڪيٽ باقي هئي پر نسيم شاهه آخري اوور جي پهرئين ٻنهي بالن تي ڇڪا هڻي ٽيم کي اهم ڪاميابي ڏياري ڇڏي.پاڪستان اهڙي ڪاميابي کانپوءِ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، جتي ان جو مقابلو سريلنڪا سان ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.