ڊگهڙي جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڊگھڙي (ن ع آ)ڊگهڙي شهر جو جيلاني پاڙو،ميرجان محمد ڪالوني،الله آباد ڪالوني،شهباز ٽائون،رائل سٽي،راجا ٽائون،واحد ماڊل ٽائون سميت اڪثر آبادي وارا علائقا پاڻي هيٺ ٻڏل آهن ٽائون انتظاميه پاڻي  نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي پاڻي بيهڻڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهنڪري مليريا،گيسٽرو ۽ چمڙي جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهي،جڏهن ته ڪانگڻي موري،انب موري،صوفي آباد،ڪنگورو موري ۽ پراڻو دمبالو جي آس پاس جا سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن پاڻي نيڪال نه ٿيڻڪري مختلف ڳوٺن ۾ ٽي کان چار فٽ تائين گهرن ۾ به پاڻي بيٺل آهي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي چڪا آهن پڪن گهرن ۾ ڏار پئجڻ ڪري گهرن کي سخت نقصان پهتو آهي جيڪي رهڻ جي قابل ناهن رهيا،ٻهراڙين ۾ اڃان تائين مڇرمار اسپري نه ٿيڻڪري مڇرن جو زار وڌي ويو آهي سوين ڳوٺن جا رستا پاڻي هيٺ هئڻڪري شهر سان زميني رابطو ڪٽيل آهي،سرڪار پاران واهر نه ٿيڻڪري برسات متاثر بکن تي ڏينهن ۽ راتيون گذاري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.