400 ارب ڪٿي خرچ ٿيا، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي 600 ارب رپين جو نقصان ٿيو: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ ۾ آبپاشي ۽ ڊرينيج جي نظام جي مڪمل تباهيءَ جو ذميوار ڪرپٽ ڪامورن کي قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن کي 600 ارب رپين جو نقصان، آبپاشي ۽ ڊرينيج نظام سڌارن لاءِ 10 سالن ۾ مليل 400 ارب رپين جو فنڊ ڪٿي خرچ ٿيو جي اعلي سطحي انڪوائري لاءِ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ڪامورن ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن تي مشتمل جي آئي ٽي جوڙڻ، ذميوار عملدارن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري انهن جون ملڪيتون وڪڻي آبادگارن کي ٿيل نقصان ڀرائي ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس ٿيڻ بعد ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي برساتي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت ڪالهه ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد مان گڏيل طور تي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ آبپاشي کاتي ۽ ڊرينيج جي نااهل ڪامورن جي ڪيل ڪرپشن سڄي سنڌ کي سمنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،  ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين درياهه جي بنهي پاسي سنڌ جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن کي هڪ اندازي مطابق 600 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، هنن چيو ته سال 2011 ۾ 11 سئو ملي ميٽر برسات سان به ايتري تباهي نه آئي جيتري هن سال 432 ملي ميٽر سان تباهي ٿي آهي. ايوان زراعت سنڌ فوري طور تي آبپاشي کاتي جي ناتجربيڪار سيڪريٽري کي پڻ معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي ڊي ايم جي ۽ پي سي ايس گروپ مان جن به ناتجربيڪار ڪامورن کي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي اهم عهدي تي مقرر ڪيو وڃي ٿو. انهن کي ڪوبه تجربو ناهي هوندو. ان ڪري هاڻ اهو تجربو ڪرڻ فوري طور تي ختم ڪري آئنده اهڙي گروپ مان ماڻهن کي سيڪريٽري جي اهم عهدي تي مقرر نه ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن ۽ ڊرينيج عملي جي نااهلي سبب سنڌ جو ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيو آهي ۽ سنڌ زرعي طور تي 10 سال پوئتي هلي وئي آهي. ايوان زراعت ايشيا جي سڀ کان اهم روهڙي ڪئنال کي روهڙي ڊرينيج ڪئنال ڪرڻ تي سخت ڳڻتيء جو اظهار ڪندي چيو آهي ته روهڙي ڪئنال کي 10 هنڌن تان ڪٽ ڏئي ان ۾ ڊرينيج جو پاڻي ڇوڙ ڪري بدين ضلعي کي ٻوڙيو وڃي پيو. جنهن جي ايوان زراعت سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هنن چيو ته هنگامي بنيادن تي سنڌ حڪومت کي پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪرائڻ لاءِ قبضا هٽائي سنڌ ۾ بيٺل پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي، سنڌ جي آبادگارن جا خريف جي مند جا فصل مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ ربيع جي فصل ڪڻڪ جي پوک نه ٿي ته ان سان ملڪ ۾ سنجيده قسم جو فوڊ سيڪيورٽي بحران پيدا ٿيندو، جيڪو حڪومت لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪندو، هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو دٻاءَ وڌي پيو، منڇر جو پاڻي لڳاتار سنڌوءَ ۾ ايندو رهيو ته ان سان ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽو جي درياهي بندن تي دٻاءَ وڌندو، جنهن سان تمام وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. هنن چيو ته منڇر کي ڪٽ  لڳڻ سان تعلقي سيوهڻ ۾ تباهي ٿئي پئي، جيڪڏهن آر بي او ڊي ٺهيل هجي ها ته اڄ اهي ڪٽ ڏيڻ جي نوبت نه اچي ها،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.