جيڪب آباد ۾ پ پ اڳواڻ تي عدالتي حڪم تي ڪيس داخل

جيڪب آباد (ڊر ) جمعيّت علماءِ  اسلام ضلع جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ جي يوآءِ  جي اميدوارن سان مڪاني چونڊن ۾ وڏي ڌانڌلي ذريعي جعلي ٺپا هڻي ۽ رزلٽ تبديل ڪري زوري پيپلز پارٽي تي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ويو ۽ اسان جي اميدوارن تي تشدد ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، انهي خلاف جي يو آءِ جي اميدوارن هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۽ ٽريبونل ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ان سلسلسي ۾  ڪريم آباد جي چيئرمين قاري دلبر ڪنراڻي جي پٽيشن تي سيڪنڊ سيشن جج جيڪب آباد غلام علي ڪناسرو جي فيصلي تحت پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي اميدوار جعفر بنگلاڻي،گهنوربنگلاڻي،علي حسن بنگلاڻي، محمد صديق بنگلاڻي سميت 10 معلوم ۽ 6 نامعلوم ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم بعد سي سيڪشن ٿاڻي ٺل تي فائرنگ ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف پٽيشن جي ٽريبونل اڃان ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه آندي آهي ياد رهي گذريل مڪاني چونڊن جي قائم ٽريبونل آخر وقت تائين ڪو ڪم نه ڪيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.