پي ٽي آءِ جي اميدوار طور نامزدگي، مونس الاهي جو ردعمل اچي ويو

ق ليگ جي اڳواڻ مونس الاهي پي ٽي آءِ طرفان ٽڪيٽ ڏيڻ بابت وضاحت ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس الاهي لکيو ته سندس وزيراعظم عمران خان ئي آهي ۽ اسد عمر سان گڏ ڪم ڪرڻ زبردست آهي.

مونس الاهي وڌيڪ لکيو ته پي ٽي آءِ فيملي سان محبت ۽ احترام وارو رشتو آهي پر پي ٽي آءِ طرفان مونکي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جعلي آهي.

ياد رهي ته مونس الاهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ عمران خان  جي ڪابينا جو حصو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.