يوٽيلٽي اسٽورز بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وڏا اسٽور کولڻ جي رٿا تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 14 سپر مارڪيٽون کولڻ جي تجويز ڏني آهي جنهن ۾ 57 مني ماڪيٽون ۽ 282 ڪنوينينس اسٽورز کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب نوان ۽ وڏا اسٽورز ڪراچي، ميرپور، اسڪردو، بکر ۽ راجن پور ۾ کولڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.