70 ماڻهن کي شادي جي دعوت، رڳو هڪ پهتي ! ڪنوار به اهڙو ڪم ڪيو جو سڀ حيران ٿي ويا !

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي 70 ساٿين مان رڳو هڪ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد نوڪري ڇڏي ڏني.

ڪنوار پنهنجي آفيس مان سمورن 70 ساٿين کي شادي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي پر انهن مان صرف هڪ ئي شادي واري ڏينهن آئي.

ڪنوار چيو ته مون سڀني کي دعوتون موڪليون آهن ته مان ڪجهه ماڻهن کي دعوت ڏيان ته ٻيا ڇا سوچيندا.

مون کي خبر نه هئي ته اهي ماڻهو مون کي شرمسار ڪندا, مون کين شاديءَ کان 2 مهينا اڳ ڪارڊ موڪليا هئا، اڳو ان ڪري ته هو ڪو بهانو نه ڪري سگهن.

ڪنوار چيو، ”ماڻهن جي انگ جي حوالي سان مون فنڪشن جو بندوبست ڪيو، انهن جي غير حاضريءَ سبب مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو.

رپورٽ موجب ڪنوار ان وقت ناراض ٿي جڏهن سندس آفيس جا ساٿي شادي ۾ شريڪ نه ٿيا، هن شادي کانپوءِ آفيس وڃڻ بدران استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.