شاهينن ٻي ون ڊي ۾ به نيڌرلينڊ کي گهمائي لاٿو

پاڪستان نيڌرلينڊ کي ٻئي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ستن وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-0 جي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي.

روٽرڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ نيڌرلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ميچ جي شروعات ۾ ئي نيڌرلينڊ جي ٽيم کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.

اوپنر وڪرم جيت سنگهه هڪ رنز ٺاهي نسيم شاهه جو پهريون شڪار بڻيو جڏهن ته ميڪس او ڊائوڊ  به هڪ اسڪور تي حارث رئوف جي بال تي ڪئچ آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو.

ميزبان ٽيم جي ٽئين وڪيٽ ويسلي بيريسي جي صورت ۾ ڪري جيڪو رڳو ٽه رنسون اسڪور ڪري سگهيو کيس پڻ نسيم شاهه آئوٽ ڪيو، ٽام ڪوپر بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 74 بالن تي 66 رنسن جي اننگز کيڏي محمد نواز جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

اسڪاٽ ايڊورڊ رڳو 5 رنسون ٺاهي جلد پويلين موٽي ويو، تيجا ندامانورو ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.

نيڌرلينڊ طرفان بيس ڊي ليڊ 89 جڏهن ته ٽام ڪوپر 66 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، پاڪستان طرفان محمد نواز ۽ حارث رئوف ٽه ٽه وڪيٽون ورتيون.

پاڪستان ڪپتان بابر اعظم، آغا سلمان ۽ محمد نواز جي ففٽين جي مدد سان ٽارگيٽ 33.4 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري سيريز ۾ فيصلائتي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 69 رنسون ٺاهي  ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته بابر اعظم ۽ آغا سلمان ترتيبوار 57 ۽ 50 اسڪور ڪري نمايان رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.