عمران خان اداڪارا سدرا نيازي جي گهر ڇو ويو هو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ)اداڪارا سدرا نيازي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان مائٽي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

ڊجيٽل ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سدرا نيازي عمران خان سان خانداني تعلق هجڻ بابت افواهن تي گفتگو ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو ملڻ کانپوءِ اڳ ۾ ئي مونکان اهو سوال ڪندا آهن ته ڇا توهان عمران خان جا مائٽ آهيو؟

سدرا ٻڌايو ته منهنجي پيدائش لاهور ۾ ٿي پر منهنجي پيءُ جو تعلق نيازي قبيلي سان آهي، نيازي قبيلو تمام وڏو قبيلو ناهي، ان قبيلي جا ماڻهو هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، منهنجو خاندان عمران خان کي سٺي نموني سڃاڻي، منهنجي عمر وارا عمران خان کي خانداني حوالي سان نه سڃاڻن پر منهنجو پيءُ ۽ چاچو کيس سڃاڻندا آهن.

اداڪارا ٻڌايو ته مان ننڍي هئس ۽ منهنجي ڏاڏي جيئري هئي ته عمران خان ساڻس ملڻ جي لاءِ اسان جي گهر آيو هو، منهنجو چاچو هڪ ڪالم نويس هو تنهنڪري عمران خان ساڻس به ملاقات ڪئي هئي.

هن چيو ته ان وقت مان گهڻي ننڍي هئس تنهنڪري مونکي ڪجهه گهڻو ياد ناهي، جيئن ته نيازي ماڻهو پنهنجي نالي جي پٺيان خان لڳائيندا آهن، پر مان نيازي لڳائيندي آهيان اهو ئي سبب آهي ته ماڻهو فوري طور تي مونکان عمران خان بابت سوال ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.