مٽياري ۾ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب 7عورتون زخمي، اسپتال منتقل

مٽياري ۾ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب 7عورتون زخمي ٿي پيون.

قومي شاهراهه تي سيکاٽ بس اسٽاپ وٽ چنگچي رڪشا تيزي رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي ۾ چنگچي رڪشا ۾ ويٺل 7 عورتون زخمي ٿي پيون، جن کي تعلقا اسپتال پهچائي طبي امداد ڏياري وئي.

حادثي ۾ زخمي ٿيل عورتن ۾ مسمات ڪذبانو، شهزادي، سسئي ۽ ٻيون شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.