مصري اداڪارا مائي عمر کي بحرين ۾ جج مقرر ڪيو ويو

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصري اداڪارا مائي عمر کي مس يونيورس بحرين 2022 جي پهرين جج مقرر ڪيو ويو آهي.

مس يونيورس بحرين جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي لکيو ويو ته کين مصري سپر اسٽار مائي عمر کي مقابلي جو پهريون جج مقرر ڪرڻ تي فخر آهي.

نامزد ٿيڻ تي مصري اداڪارا چيو ته مان هن تاريخي پروجيڪٽ جو حصو بڻجڻ تي تمام گهڻي پرجوش آهيان ۽ مان هن پليٽ فارم تي يقين رکان ٿي جيڪو عورتن کي بااختيار بڻائي ٿو.

نئين مس يونيورس بحرين جو نالو ايندڙ مهيني 11 سيپٽمبر تي تقريب جي رڪارڊ شو دوران عوام آڏو پڌرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.