گلستان جوهر ۾ عورت تي تشدد ڪندڙن گارڊ جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) گلستان جوهر ۾ عورت تي تشدد ڪندڙن سيڪيورٽي گارڊ کي ڪراچي  جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 13آگسٽ تان سيڪيورٽي گارڊ کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ گرفتاري عمل ۾ آئي هئي. ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ ٻئي مرحلي ۾ مڪاني کاتي جي چونڊن ۾ دير ڪرڻ جي خلاف جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن ٻڌڻي ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان لکت ۾ 22 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن 24 جولاءِ تي ٿيندڙن چونڊن کي ڄاڻي وائي ملتوي ڪيو آهي، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي ۾ برسات ٿي رهي هئي، برسات ۾ ڇا اوهان ووٽ ڪاسٽ ڪندو، وڪيلن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پهرين چيو ته اسان چونڊون ڪرائينداسين، عدالت ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته 15آگسٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ 28 آگسٽ کي مڪاني چونڊن جي تاريخ رکي وئي آهي، اسان جلد چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته اسان ڌرين جي جواب اچڻ کانپوءَ شين جو جائزو ورتو ويندو، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمن ۽ تحريڪ انصاف جي جبارقريشي داخل ڪئي هئي.

  • ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ هر هنڌ گندگي آهي: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي تي ٻڌل ٻه رڪني  بئنچ برسات دوران ڊفنيس ڪلفٽن جي علائقي ۾ برساتي پاڻي بيهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڊي ايڇ اي، ڪلفٽن ڪينٽونمنٽ بورڊ ۽ ايس پي سي اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان علائقي مان روينيو ڪيترو جمع ڪندا آهيو، علائقي جي ڪهڙي حالت ڪئي آهي؟ عدالت چيو ته پاڻي جمع ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي؟ جسٽس اظهر حسن رضوي چيو ته برسات کانپوءِ هر هنڌ گندگي موجود آهي، ڪراچي مان ڪچرو هٽائڻ ڪنهن جو ڪم آهي .عدالت چيو ته اوهان جا آفيسر 20سال کان پوءِ رٽائرڊ ٿي ويندا آهن .اسان ناظر سنڌکي موڪلي رهيا آهيون ته رپورٽ ڏئي، ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته اسان اين ايل سي ڪورنگي نالي جي صفائي ڪري رهيا آهيون، عدالت چيو ته درخواستگذار ۽ ڊي ايڇ اي سميت ٻين ماهرن کي فيس ادا ڪن، عدالت 7ڏينهن ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ماهرن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.