خيرپور ۾گيسٽرو تي ڪنٽرول نه ٿيو، وڌيڪ 98 ٻار اسپتال ڀيڙا

خيرپور(ڊ ر )گيسٽرو جي وبا تي ڪنٽرول نه ٿيو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جا گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 98 ٻار سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ داخل معصوم ٻارن جي وارثن ٻڌايو ته اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻاٺ ٿي وئي آهي مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارن جي وارثن اهو به ٻڌايو ته گيسٽرو سبب ٻارن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا داخل ڪيا پيا وڃن بيڊن جي کوٽ سبب ٻارن جا وارث ۽ اسپتال عملو ڏکيائين جو شڪار ٿي رهيا آهن ٻارن جي وارثن طرفان اضافي بيڊ لڳائڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.