صوبائي ڊيزاسٽر مينجيمينٽ اٿارٽي محرم الحرام جي ڏينهن عوام جي سهولت ۾ اڳڀري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قدرتي آفتن کي منھن ڏيندڙ اداري صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ڪراچي جي سمورن ضلعن  ۾ نائين ۽ ڏھين محرم الحرام جي جلوس گذرڻ وارن روٽن تي ھنگامي بنيادن  اھم روڊن تان پاڻي جي نيڪال جو انتظام ڪيو آھي.

خاص ڪري ضلعي ڪراچي ڏکڻ  جي اھم شاھراھ ايم اي جناح روڊ تي يارھن وڏا پمپ پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳايا آھن،جئين ماتمي جلوس  بنا رنڊڪ جي گذري سگھي.

اھا ڳالهه اداري جي  جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻائي وئي آھي، جڏھن ته شھر جي باقي ڇھن ضلعن ھر ھڪ ملير ،ڪورنگي،ڪراچي اوڀر،ڪياماڙي،ڪراچي سينٽرل ۽ ڪراچي اولهه ۾ به محرم جي جلوسن جي گذرڻ وارن روڊن تي ھڪ ھڪ ھيوي ڊيوٽي پمپ لڳائي پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي.

ٻئي پاسي قدرتي آفتن کي منھن ڏيندڙ اداري صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ضلعي جيڪب آباد ۾ ھلندڙ رليف واري ڪم ۾ ضلعي جي متاثر علائقن ۾ ھڪ سئو تنبو  ۽ مڇرن کان بچاءُ جي لاءِ 200 مڇردانيون فرھم ڪيون آھن.

اداري پاران ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ متاثر علائقن ۾ عوام کي سھولت فراھم ڪرڻ جي لاءِ  ھڪ ھزار مڇردانيون پڻ فراھم ڪيون ويون آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.