ڏوهارين جي صورت ۾ پاڪستان اڄ يزيديت جي گهيري ۾ آهي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هر دور جو پنهنجو يزيد هوندو آهي، پاڪستان اڄ يزيديت جي گهيري ۾  آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اقتدار ۾ موجود ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرستن جي صورت ۾ پاڪستان اڄ يزيديت جي گهيري ۾ آهي. هن چيو ته ڇا اسان جا ماڻهو به خوف ۾ مبتلا ٿي ان سازش سامهون ڪنڌ جهڪائيندا يا قوم جي حيثيت سان هڪ ٿي سخت امتحان کي منهن ڏيندا؟ سندس چوڻ هو ته آزادي واري جلسي ۾ ان فسطائيت کي منهن ڏيڻ جي منصوبي جو اعلان ڪندس.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.