پرڏيهي ايجنٽ عمران خان جو ڪوڙ، فراڊ ۽ تماشو ختم ٿي ويو: مريم اورنگزيب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي صلاح ڏيندي چيو آهي ته احتياط ڪيو، اصليت تائين نه وڃو ته بهتر هوندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته انهن 8 سالن ۾ هڪ رپئي ۽ هڪ اڪائونٽ جو حساب نه ڏنو، هاڻ ڪنهن جواب جي ضرورت ناهي، هاڻ پرڏيهي ايجنٽ عمران خان ۽ پرڏيهي ايڊڊ پارٽي جو ڪوڙ، فراڊ ۽ تماشو ختم ٿي ويو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت پرڏيهي ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي چڪي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت عمران خان صاحب ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو آهي.

سندس چوڻ هو ته توهان 8 سالن ۾ 11 ڀيرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائي چڪا، 9 وڪيل بدلي ڪري چڪا، ان دوران پي ٽي آءِ 50 ڀيرا ٻڌڻي کي ملتوي ڪرايو، 11 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي، هاڻ ته قانون موجب عمل درآمد ٿي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي راڻا ثناءُ الله جو خوف هيو، انهي لاءِ 20 ڪلو هيروئن جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين گھرو وزير جي خوف کان 25 مئي تي خيبر پختونخواهه ڀڄي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.